SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تاريخي ناول


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

تاريخي ناول

(Historical Novel)

ماضي يا ان دور جي حالتن ۽ واقعن کي تاريخوار سھيڙي انساني جذبن ۽ احساسن جي پوشاڪ ۾ ڍڪي ڪنهن ناول ۾ اھڙيءَ طرح ڪهاڻيءَ کي پيش ڪيو وڃي جو ائين محسوس ٿئي تھ ڄڻ پڙھندڙ پاڻ اتي موجود ھو. اھڙن ناولن ۾ ضروري آھي تھ ڪردارن جا نالا تاريخي ھجن، پر وقت، جڳھون ۽ واقعات بھ حقيقي ھجن تاريخي ناول کي ان حساب سان ڪڏھن ڪڏھن افسانويت کان الڳ به سمھجبو اھي. انگريزي ادب ۾ سر والٽر اسڪاٽ (1771-1832ع)خاص طور تي تاريخي ناولن جي ڪري سڃاتو ويندو اھي. سندس ڪتاب Talisman صليبي لڙاين ۾ غازي صلاح الدين جي ڪردار تي ٻڌل آهي. چارلس ڊڪنس (1812-1870ع) جو” ٻن شھرن جي کالھھ”(A Tale of Two Cities) شاھڪار تاريخي ناول اھي. اردوءَ ۾ نسيم حجازيءَ (1914-1926ع) جا ناول تاريخي آهن. سنڌي ناولن ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ (1908-1981ع) جي سڃاڻپ پڻ تاريخي ناولن سان آھي. سندس ناول ”سانگهڙ“، گربخشاڻيءَ جو ناول ”نور جهان“، علي بابا جو ”موھن جو دڙو“،سراج جو ”پڙاڏو سوئي سڏ“، اغا سليم جو ”همه اوست“ وغيره شاھڪار تاريخي ناول اھن.


Remember Me Also:

سڃهار

ث. ويراني ، غيرآبادي ، سُڃَ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal